سيريز
سيريس جو قدرتي رنگن ۾ منظر. ڦوٽو ڊان خلائي جھاز تان مئي 2015 ۾ ورتل.[lower-alpha 1] | |
دريافت[1] | |
---|---|
دريافت ڪيو | Giuseppe Piazzi |
دريافت ٿيڻ جي تاريخ | 1 جنوري 1801ع |
نالي جي وضاحت | |
سيارچي جو تعارفي نالو | (1) Ceres |
اچار | /ˈsɪəriːz/ |
نالي جو پسمنظر | سيريس |
اضافي يا عارضي نالو | A899 OF; 1943 XB |
سيارچي جي آبادي | بندرو سيارو سيارچن وارو پٽو |
نالي جون صفتون | Cererian /s[unsupported input]ˈrɪəriən/, rarely Cererean /sɛr[unsupported input]ˈriːən/[2] |
مدار جون وصفون [4] | |
تاريخي زمانو (فلڪيات) | Epoch 2014-Dec-09 (JD 2,457,000.5) |
ايفي ھيلن | 2.9773 AU (445,410,000 km) |
پيري ھيلن | 2.5577 AU (382,620,000 km) |
اڌ وڏو محور | 2.7675 AU (414,010,000 km) |
مدار جي بي قائدگي | 0.075823 |
4.60 yr 1,681.63 d | |
سائنوڊڪ مدو | 466.6 d 1.278 yr |
مدار جي سراسري رفتار | 17.905 km/s |
سراسري ۾ غلطي | 95.9891 ° |
مدار ۾ لاٿ | 10.593 ° to ecliptic 9.20° to invariable plane[3] |
بلندي يا چڙھائي | 80.3293 ° |
72.5220 ° | |
مناسب مدار جا عنصر[5] | |
اڌ وڏو مدار | 2.7670962 AU |
مناسب مدار جي بي قائدگي | 0.1161977 |
مناسب لاٿ | 9.6474122 ° |
مناسب حرڪت جي سراسري | 78.193318 deg / yr |
مناسب مدار جو عرصو | 4.60397 yr (1681.601 d) |
پيريھيلين | 54.070272 arcsec / yr |
چڙھائي جي بلندي | −59.170034 arcsec / yr |
طبعي وصفون | |
ماپ جوڳا پاسا | (965.2 × 961.2 × 891.2) ± 2.0 km[6] |
نيم قطر جي سراسري | 473 km[6] |
سطح جي ائوري (Surface aurie) |
2,770,000 km2[7] |
مقدار | 421,000,000 km3[7] |
وزن | 9.393±0.005×1020 kg[6] 0.00015 Earths 0.0128 Moons |
گھاٽائي | 2.161±0.009 g/cm3[8] |
سطحي ڪشش ثقل | سانچو:Gr m/s2[7] 0.029 g |
0.37[9][lower-alpha 2] (estimate) | |
Equatorial escape velocity |
سانچو:V2 km/s[7] |
|
سيريس (Ceres، علامت:)[1] اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو ڄامڙو گرھ (Dwarf planet) مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ موجود اپگرھ (سيارچ) جي واٽ استیروئید بیلت (Asteroid Belt) ۾ موجود آھي. سڀني کان ننڍو ھجڻ باوجود ھڪ معمو (Mystery) آھي. ھن جو نالو سيريس (CERES) آھي.
1 جنوري 1801ع تي اٽلي جي ماھر فلڪيات گيوسيپي پيازي (Giuseppe Piazzi) ھن اپگرھ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي. 1772ع ۾ جان ايلرٽ بورڊ (John Elert Board) اھو اُڊڪو ظاھر ڪيو تہ مريخ ۽ مشتري جي وچ ۾ ڪو گرھ ٿي سگھي ٿو، جنھن جي ڳولھا اڃان نه ٿي آھي. سال 1800ع ۾ 24 تجربيڪارن جي ھڪ ٽولي ٺاھي وئي، جن کي نئين گرھ جي ڳولھا جو ڪم ڏنو ويو. ھن ٽيم گھڻا ئي گِرهڙيا يا ڳرَھِڙِيا يا شھاب ثاقب (Asteroids) جانچيا پر ڪا اھڙي شئي نه ملي، جنھن کي گرھ جو نالو ڏئي سگھجي. ان کان پوء گيوسيپي پيازي کي ان ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. دعوت کان پھريائين 1 جنوري 1801ع تي گيوسيپي ھڪ اھڙي شئي ڳولھي ورتي هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪنھن تاري وانگر ھئي. گيوسيپي ھن آسماني جسم کي 24 ڀيرا وري وري ڏٺو. ھن کي لڳو ته ڪو گِرهيڙيو يا ڳرهيڙيو (asteroid) آھي. 24 جنوري تي ھن پنھنجي ٻن دوستن کي خط لکي ھن جي ڄاڻ ڏني. ھن کي سيريز جو نالو ڏنو ويو. Ceres رومين جي ٻني ٻاري جي ديوي جو نالو ھو.
سيريس کي جوھن ایلیرت بورد (John Elert Board) اھو غائب گرھ مڃيو آهي، جنھن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي. سيريز کي گرھ جو نشان به پڻ ڏنو ويو. ان زماني جي سڀني علمي ڪتابن توڙي رسالن ۽ اخبارن ۾ ھن کي گرھ جو درجو ڏنو ويو. ڪيترن ئي ورهين تائين ھي اسان جي نظام جو پنجون گرھ سڏجندو رھيو. جڏھن ھن جي اوسي پاسي ننڍين ننڍين شين جي کوج ٿيندي وئي ته سال 1802ع تي سر وليئم ھرشل انھن کي Asteroids جو نالو ڏنو. 1860ع تائين ويليئم جي وضاحت کي قبول ڪيو ويو. ڇو ته اسان وٽ گرھ جو ڪو خاص بيان ڪرڻ جو طريقو نه ھو.
پلوٽو جي ڳولھا کان پوء ھڪ ڀيرو ٻيھر سيريس گرھ جي لسٽ ۾ اچي ويو. ڇو ته ان وقت تائين گرھ جي وضاحت لاء ٻه نڪتا ھئا.
1. شئي وٽ ايترو ماس ۽ پاتال ڇَڪَ (گريوٽي) ھجي، جنھن سان ھن جو آڪار لڳ ڀڳ گول ٿي وڃي. 2 . اهو آسماني جسم، جيڪو ڪنھن تاري جي چوڌاري ڦرندو ھجي، جڏھن ته ھو پاڻ تارو يا ڪنھن گرھ جو چنڊ نه ھجي.
سيريس انھن شرطن کي پورو ڪندي ٻيھر گرھ بڻجي ويو. 24 آگسٽ 2006 ۾ ھن وضاحت کي وڌايو ويو ۽ ان ۾ ھڪ نڪتو اڃان شامل ڪيو ويو.
3. ڪنھن بہ آسماني جسم کي تڏھن گرھ مڃيو ويندو جڏھن اھو ايترو وڏو ھجي جو پنھنجي حفاظت ڪري سگھي.
ان آخري نڪتي تي سيريز پورو نه لٿو، ڇو ته سيريس سان گڏ پٿرن جي وھڪري جا لکين پٿر به ھن سان گڏ سج جو چڪر ھڻن ٿا. ايئن سيريز ۽ پلوٽو ٻئين 24 آگسٽ 2006ع تي گرھ جي ڀيٽ يا فھرست کان ٻاھر ٿي ويا. انھن لاء ھڪ نئون نالو ڄاڙو گرھ (Dwarf planet) آندو ويو.
سيريس 21 ھين صديءَ تائين ڪيترن ئي مرحلن کان گذريو. اڄ اسان ھن کي ڄامڙو يا بندرو گرھ مڃون ٿا. سيريس اسان جي سج منڊل جو سڀني کان ويجھو ڄامڙو گرھ آھي. سج کان لڳ ڀڳ 41,37,00,000 ڪلوميٽر پري آھي. پٿرن جي وھڪري ۾ موجود سيريس ھڪ چڪر 1680 ڏينھن يعني 4.61 سال ۾ پورو ڪندو آھي. سيريس تي ھڪ ڏينھن 9 ڪلاڪ چار منٽ جو ٿيندو آھي. ھن جو ڊائيا ميٽر 950 ڪلوميٽر آھي. جسامت جي ڳالھ ڪجي ته سڄي ڳڙهيڙي جي وھڪري جو 1/3 ٽيون حصو آھي.
جيڪو اسان جي چنڊ جو رڳو چار سيڪڙو آھي. سيريس جي بنياد پٿريليو آھي. ھن جي بنياد جي مٿان برف جي 100 ڪلوميٽرن جی تھہ آھي. ھن ۾ 200 ڪيوبڪ ڪلوميٽر پاڻي ڄميل آھي، جيڪي اسان جي ڌرتي جي پيئڻ جي پاڻي جا ڪيئي ڀاڱا وڌيڪ آھي.
ھن جو مٿاڇرو لوھہ واری معدنیات Iron rich) minerals)، ڪاربونيٽ منرلس ۽ اھڙن انيڪ ھائيڊريٽ منرلن سان ٺھيل آھي، جيڪي ھن جي اندر پاڻي ھجڻ جا مضبوط اشارا ڏين پيا. ھن جي وايو منڊل ۾ گھڻي مقدار ۾ پاڻي جا بخارات Water) Vapor) ھجڻ جا ثبوت ملن ٿيون. سيريس جي مٿاڇري جي گرمي پڌ 1991ع ۾ ماپيو ويو جيڪو ڪاٽو °38 سینتی گرید ھو. ھتي گرمي پڌ ايترو آھي جو جو زندگي سولائي سان جنم وٺي سگھي ٿي.
ڇا سيريز جي اتاھ اونھائين ۾ حياتي ساھ کڻي پئي
[سنواريو]27 سيپٽمبر 2007 تي ناسا 4 ويسٽا ۽ سيريز جي اڀياس لاء Dawn خلائي مشن موڪليو. 6 مارچ 2015 تي ھي سيريز جي مدار ۾ ڪاميابيءَ سان داخل ٿي ويو. ھن سيريز جي چمڪندڙ علائقن جي جانچ پڻ ڪئي. 2016ع تي ناسا دعوا ڪئي ته سيريز تي چمڪندڙ علائقن جي ڪارڻ اڪيلي ۽ وڏي ٻرندڙ يا ڦاٽندڙ جبل جي باھ ٿي سگھن ٿا. اهو ٻرندڙ جبل 4 ڪلو ميٽر آھي. جنھن مان ڄميل برف ، امونيا ۽ ڪيئي لوڻ ٻاھر نڪرندا آھن، جيتوڻيڪ ٻاھر نڪرندي ئي ڄمي ويندا آھن.
سيريز اسان جي نظام شمسي جو اھو اڪيلو ڄامڙو گرھ آھي، جنھن کي چنڊ نه آھي. ڪنھن وقت ھن کي جيولوجيڪل مئل چيو ويو، پر ھاڻي اسان کي خبر آھي تہ ھي ٿورو ئي سھي پر جيئرو آھي. اھا ڳالھ ساراھ جوڳي آھي جو اسان سيريز ڏي ڌيان ڏيون پيا ھن کان اسان کي ڪائنات جا ڪيترائي راز پڻ ملي سگھن ٿا. ان لاءِ جو ھي سج منڊل جي حيران ڪندڙ جاين مان ھڪ آھي. [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ JPL/NASA. "What is a Dwarf Planet?". Jet Propulsion Laboratory. حاصل ڪيل 2022-01-19.
- ↑ سائنس جي دنيا، ليکڪ: ظھور احمد
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو